لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اسيمبلي ميمبرن کي نين چونڊن جي تياري جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو.اڳوڻي وزيراعظم عمران خان لاهور ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ اسيمبلي ميمبرن سان ملاقات ڪئي، جنهن جي اندرين ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.عمران خان اسيمبلي ميمبرن کي نين چونڊن لاءِ تياري جو ٽاسڪ ڏيندي چيو ته 6 کان 8 هفتن ۾ عام چونڊن جو اعلان ٿي سگھي ٿو.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسيمبلي ميمبر ۽ پارٽي تنظيمون چونڊن جي تياري ڪن ۽ حڪمت عملي جوڙين.هن ڊاڪٽر ياسمين راشد کي ٻن هفتن ۾ پنجاب ۾ تنظيم سازي جو عمل مڪمل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏيندي چيو ته تنظيم سازي مڪمل ڪئي وڃي جيئن عام چونڊن ۾ ڀرپور انداز ۾ وڃون.سندس چوڻ هو ته 25 مئي تي جن چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو، قانون ان حوالي سان رستو اختيار ڪندو، مون کي خبر آهي ته ڪنهن اسان سان ٻه نمبري ڪئي پر مان سڀني اڳيان ڪنهن جو نالو وٺڻ نٿو چاهيان. ذريعن موجب اجلاس ۾ اسيمبلي ميمبرن پنهنجي پنهنجي راءِ به پيش ڪئي.










