6 کان 10 جولاءِ تائين ملڪ ۾ برسات ۽ طوفان جو امڪان

6 کان 10 جولاءِ تائين ملڪ ۾ برسات ۽ طوفان جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي چيو آهي ته 6 کان 10 جولاءِ تائين ملڪ ۾ مينهن، هوائون ۽ طوفان جو امڪان آهي. برساتن جي ڪري شهري علائقن ۾ ٻوڏ جو امڪان آهي.اسلام آباد، لاهور، راولپنڊي، اٽڪ ۽ جهلم سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ طوفان جو امڪان آهي.خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ پشاور، دير، سوات، چترال ۽ ڪوهستان سميت گجگوڙ سان طوفان جو امڪان آهي.ڪوئيٽا، ژوب، زيارت ۽ قلات سميت بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ به ڪڪرن وارو موسم جو امڪان آهي. مظفر آباد، نيلم وادي ۽ راولا ڪوٽ ۾ تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٺٽو، بدين، گهوٽڪي، خيرپور، شڪارپور، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ دادو ۾ به تيز برسات جو امڪان آهي.موسميات جي ماهرن موجب اڄ کان 5 جولاءِ تائين ڪراچي ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو