سنڌ ۾ 50 هزار استادن کي آفر آرڊر ڏيڻ جو سلسلو شروع

سنڌ ۾ 50 هزار استادن کي آفر آرڊر ڏيڻ جو سلسلو شروع

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ ئي ڀرتي واري پروسيس تحت پاس ٿيل 50 هزار استادن کي نوڪرين جا آرڊر جاري ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏي. آءِ بي اي سکر پاران 5 لک اميدوارن جي ورتل ٽيسٽ مان 47 هزار اميدوار ميرٽ تي پاس ٿيا. ڪراچي ڏکڻ جي 489 پاس ڪيل اميدوارن کي اڄ لياري جي گورنمينٽ اسڪول ۾ ٿيل تقريب ۾ نوڪري جا آفر آرڊر ڏنا ويا. سنڌ جو تعليم وارو وزير سيد سردار علي شاهه، اطلاعات ۽ محنت وارو وزير سعيد غني، وڏي وزير جو قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ۽ ٻيا اڳواڻ ميرٽ تي ڀرتي ٿيل اميدوارن کي نوڪرين جا آفر آرڊر ڏنا. تقريب ۾ پ پ ايم پي اي شازيه ڪريم، پيپلز يوٿ جي صدر جاويد ناياب لغاري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي تعليم واري سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري چيو ته 50 هزار استادن کي هڪ مرحلي ۾ ڀرتي ڪرڻ جو پاڪستان ۾ ڪو مثال نٿو ملي. هي ڀرتي جو مرحلو سعيد غني صاحب جي دور ۾ شروع ٿيو ۽ ان کان پوءِ سردار شاهه صاحب جي دور ۾ استادن جا امتحان منعقد ٿيا ۽ اڄ اسين انهن اميدوارن کي آفر آرڊر ڏئي رهيا آهيون. تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ا موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته اهو هڪ تمام وڏو ٽاسڪ هو جو پنجاهه هزار ماڻهن جي ڀرتي ڪئي وڃي. مارڪيٽ ۾ ڪيترائي ايجنٽ مختلف واڪ لڳائي رهيا هئا پر شڪر الحمدالله جو هڪ به اميدوار کي پئسا يا سفارش تي نوڪري نه ملي پر غريبن جا ٻار ميرٽ جي بنياد تي پاس ٿيا. اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو تعداد تمام گهڻو تڪراري آهي، ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي شعبن انهن انگن اکرن کي پنهنجي مرضي مطابق وڌائي پيش ڪيو آهي. جيڪڏهن مردم شماري تي نظر وجهون ته آدمشماري ۾ ٻارن جو ڪل تعداد، سرڪاري اسڪولن، ايس اي ايف، خانگي اسڪولن، مدرسن ۽ ٻين انگن اکرن تي نظر وجهجي ته ٻارن جي آدمشماري ايتري نه آهي جيتري آئوٽ آف اسڪول ٻارن جي ٻڌائي پئي وڃي. اسڪول جا ٻار، ويندا آهن. افواهون اسان جي سماج ۾ هڪ ادارو بڻجي چڪيون آهن.

جڏهن سعيد غني ڪابينا ۾ ڀرتين واري پاليسي متعارف ڪرائي ان تي گهڻي بحث کانپوءِ منظوري ڏني وئي. اهو به ٻڌو ته امتحان ڏاڍو ڏکيو هو، 45 نمبر پاسنگ مارڪون رکيل هيون. اسان کي ان مان فائدو ٿيو ته ڪير ڪهڙي مضمون ۾ ماهر آهي. اسان وٽ سائنس جي استاد جي کوٽ هئي. اسان سڀ مضمون هڪئي استاد کان پڙهايون ٿا. ۽ پوءِ انهن مان اها اميد  رکندا آهيون ته پڙهائي بهتر ٿيندي. منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن استاد قابل آهي ته هو آئن اسٽائن کي وڻ هيٺان ويهاري سگهي ٿو. استاد وٽ هڪ ماءُ جي دل هجي ۽ وٽس جيڪا به معلومات هجي ان کي اڳتي پهچائي. 2012ع ۾ سنڌ ٽيچرس ڊولپمينٽ ايڪٽ پاس ڪيو ويو. ان ۾ ٽي شيون هيون: استادن جي تعليم، تربيت ۽ لائسنسگ هجي. استادن کي تعليم ڏني پئي وڃي. اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو ٻارن جو اسڪول کان پري رهڻ آهي. 80 سيڪڙو ٻار پنجين ڪلاس کان پوءِ اسڪول ڇڏي وڃن ٿا. ان موقعي تي سعيد غني چيو ته اهو سراسر تعصب واري سوچ آهي ته پيپلز پارٽي جي دور ۾ نوڪريون وڪرو ٿينديون آهن. پر اڄ پنجاهه هزارن مان هڪ به استاد سفارش تي ڀرتي نه ڪيو ويو آهي. زرداري صاحب مون کي هڪ گڏجاڻي ۾ چيو ته استادن جي ڀرتي شفاف ٿيڻ گهرجي. IBA سکر سان ملاقاتون ڪيون. سندن ڪم جو جائزو ورتو. جيڪا به کوٽ هئي، سا دور ڪئي وئي. پهريون ڀيرو فوج  کان علاوه 47 هزار نوڪريون شفافيت سان ڏنيون پيون وڃن. مرتضيٰ وهاب چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت نه رڳو ان ڳالهه جو اعتراف ڪري ٿي پر ڪوششون به ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو جي معياري تعليم پکيڙڻ جو ويزن کڻي اڳتي وڌيون پيا. هاڻي استادن جي ذميواري آهي ته جيڪو اعتماد انهن تي رکيو ويو آهي ان کي پورو ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو