لاهور)ويب ڊيسڪ)حڪومت 5 منافعي واري پاور ڪمپنين جي نجڪاري جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي.نجڪاري واري وزارت جي ذريعن موجب جن پاور ڪمپنين جي نجڪاري ڪئي ويندي انهن ۾ ليسڪو، فيسڪو، آئيسڪو، ميپڪو ۽ گيپکو شامل آهن جڏهن ته پهرين مرحلي ۾ انهن ڪمپنين جا نوان بورڊ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 12 رڪني بورڊ سمري حتمي منظوري لاءِ ڪابينا ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي ۽ اهي 12 ميمبر پنجن بورڊز جا ڊائريڪٽر هوندا ۽ اهي ميمبر نجڪاري سميت سمورا معاملا ڏسندا.ذريعن موجب توانائي واري وزارت جي خساري ۾ هلندڙ ڪمپنين جي نجڪاري جي تجويز رد ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊسڪوز جي نجڪاري سان بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو خدشو پڻ آهي.










