ڪشمير جي وادي معصوم مسلمانن جي رت سان رنگيل آهي: وزيراعظم

ڪشمير جي وادي معصوم مسلمانن جي رت سان رنگيل آهي: وزيراعظم

مظفر آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته والاريل ڪشمير بيگناهه مسلمانن جي رت سان لال آهي.آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير کي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومتن هميشه ڪشميرين جي حمايت ڪئي آهي، سمورين پارٽين جو اتحاد ڏسي ڀارت ضرور پريشان ٿيندو.شهباز شريف چيو ته مودي 2019ع ۾ ڪشمير جي خاص حيثيت به کسي ورتي، 75 سالن ۾ ڪشمير ۾ لکين مسلمان شهيد ٿيا.وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن مسلمان هڪجهڙائي سان ڪم ڪن ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن هر ناانصافي جو حساب ورتو ويندو.هن چيو ته ڪشمير کي آزادي ڏيارڻي آهي ته معاشي طاقت به ضروري آهي، ان جي صفن ۾ اتحاد ۽ معاشي استحڪام آڻڻو پوندو.شهباز شريف چيو ته ڪشميرين کي حق ڏيڻا آهن ته پاڪستان کي معاشي طور مضبوط ڪرڻو پوندو، اختلاف وساري سادگي اختيار ڪرڻ ۽ قربانيون ڏيڻ گهرجن.وزيراعظم چيو ته ڀٽو صاحب چيو هو ته گاهه کائينداسين پر ڪشمير کي آزاد ڪرائينداسين، ڪشميري پاڪستان ڏانهن ڏسي رهيا آهن، اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پنهنجي خطاب ۾ شهباز شريف چيو ته هن وقت ڪيترائي مالي چئلينج آهن، آءِ ايم ايف حساب ڪتاب گهري رهيو آهي، سندس وفد هڪ وقت هڪ شيءِ ڏسي رهيو آهي. ان کان اڳ آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو