4 مهينن کان انتظار پيو ڪريان، اسلام آباد کي بند ڪري سگهان ٿو: خان

4 مهينن کان انتظار پيو ڪريان، اسلام آباد کي بند ڪري سگهان ٿو: خان

سرگودا(۾ ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جو هر ڊويزن صوبو هجڻ گهرجي، جيترو بهتر صوبو هوندو ماڻهن جا مسئلا اوترا حل ٿيندا. وڌيڪ صوبا ٺاهڻ جي حوالي سان بحث ٿيڻ گهرجي، جيترا صوبا وڌيڪ هوندا اوترا مسئلا گهٽ هوندا.سرگودا ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته قانون جي بالادستي جي لاءِ وڪيل برادري جون ذميواريون وڌيڪ آهن، مان قانون جي پاسداري واري جنگ وڙهان پيو، هتي ڪمزور لاءِ الڳ ۽ طاقتور جي لاءِ الڳ قانون آهي، هتي غريب کي جيل ۽ چور کي اهم عهدا ڏنا ويندا آهن.عمران خان چيو ته ڀلي ڪجهه به ٿي پوي پر انهن چورن ۽ ڦورن کي قبول نه ڪندس، اهو نٿو ٿي سگهي ته ملڪ لٽيندڙن کي رڍن ۽ ٻڪرين وانگر قبول ڪندو وڃان.هن چيو ته چون ٿا ٻوڏ اچي وئي آهي عمران خان چپ ڪري ويهه، چون ٿا عمران خان آءِ ايم ايف جي توهين ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو