35 دوائن جي اگهن ۾ واڌ واري سمري رد

35 دوائن جي اگهن ۾ واڌ واري سمري رد

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 35 دوائن جي اگهن ۾ واڌ واري سمري رد ڪئي وئي. ڪابينا اجلاس جي پڌرائي موجب وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ دوائن جي اگهن ۾ واڌ نه ڪئي ويندي. اجلاس دوران ڪابينا گھرو وزارت جي سفارش تي 10 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. 22 ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ، 3 کي هڪ ڀيرو ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ان کانسواءِ وفاقي ڪابينا شيري رحمان جي سربراهي ۾ ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچاءَ لاءِ سفارشون ڏيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو