31 مارچ جو حڪم جاري،اهم ڳالهيون حڪمنامي مان غائب

31 مارچ جو حڪم جاري،اهم ڳالهيون حڪمنامي مان غائب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ اليڪشن ملتوي ڪيس جي ٻڌڻي جو 31 مارچ وارو حڪم جاري ڪري ڇڏيو،چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ فيصلو ٻڌايو ۽ حڪم ۾ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل کي ڪجهه سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ چيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن سڪيورٽي ۽ مالي مشڪلاتن جو اظهار ڪندي اٽارني جنرل کان جواب طلب ڪري ورتو.سپريم ڪورٽ دفاع واري سيڪريٽري ۽ ناڻي واري سيڪريٽري کي به سومر 11:30 وڳي طلب ڪري ورتو.جسٽس جمال مندوخيل جي بينچ کان ڌار ٿيڻ جو معاملو حڪم ۾ شامل ناهي.آرڊر ۾ اٽارني جنرل جي فل ڪورٽ جي درخواست ۽ پوءِ فل ڪورٽ جي درخواست رد ڪرڻ جو ڪو به ذڪر ناهي.سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان وڪيل طور عرفان قادر جو نالو شامل نه ڪيو ويو، مسلم ليگ ن جي وڪيل اڪرم شيخ ۽ پيپلز پارٽي جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ شامل نه هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو