3 سالن جي نينگري ٻڏي فوت، گيس ڀرجڻ سبب 4 بيهوش

3 سالن جي نينگري ٻڏي فوت، گيس ڀرجڻ سبب 4 بيهوش

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) ڳوٺ امين کوسو ۾ 3 سالن جي نينگري دين خاتون ڌيء علي نوازسندراڻي پاڻي جي تلاء ۾ڪري ٻڏي فوت ٿي وئي، ٻارڙي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن شھر جي مکي پاڙي ۾ جنريٽر مان گئس خارج ٿيڻ سبب ھڪ ئي گھر جا چار ڀاتي بيھوش ٿي ويا ۔

اشوڪ ڪمارپنھنجي ٻارن سان گئس وارو جنريٽر ھلائي سمھيو پيو ھيو ته اوچتو گئس وارو پائيپ نڪرڻ سبب پوري ڪمري ۾ گئس ڀرجي وئي جنھن سبب گھر ڌڻي ۽ سندس ٽي پٽ اويناش۔ رام ۽ وردان بيھوش ٿي ويا جن کي وارثن شھر جي نجي ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل ڪرايو۔ بيھوش ٿيلن ۾ اشوڪ ڪمار جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو