پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه ۾ برسات ۽ طوفان سبب ٿيندڙ نقصان جي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي.پي ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب خيبر پختونخواهه ۾ برسات ۽ طوفان سبب ٿيندڙ حادثن ۾ 3 ماڻهو فوت ۽ 7 زخمي ٿيا آهن.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فوتين ۾ هڪ مرد ۽ 2 عورتون شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ 3 مرد، هڪ عورت ۽ 3 ٻار شامل آهن.برسات ۽ طوفان سبب 9 گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي، اهي حادثا صوابي، پشاور، شانگلا، سوات ۽ هري پور ۾ پيش آيا.پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل ضلعي انتظاميا کي متاثر خاندانن کي فوري مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.رپورٽ موجب بند شاهراهن کي کولڻ لاءِ سڀئي وسيلا استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته برسات 31 مئي تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.










