3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ کي 7 سالن کانپوءِ انصاف مليو: جاويد لطيف

لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته 3 ڀيرا وزيراعظم رهڻ واري کي 7 سالن کانپوءِ انصاف مليو.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد لطيف چيو ته انصاف ڏيڻ وارا ناانصافي ڪندا ته ملڪ ڪيئن ترقي ڪندو.هن چيو ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ 25 ڪروڙ عوام پنهنجي عدالت ۾ بيهاري نواز شريف جي حق ۾ فيصلو ڏيندو.جاويد لطيف جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هڪ نوجوان سياسي اڳواڻ به 16 مهينن جي قومي حڪومت جو حصو هو، جنهن کي خبر هئي ته نواز شريف کي ڇو ڪڍيو ويو.هن جو اهو به چوڻ آهي ته نوجوان سياسي ليڊر کي خبر هئڻ گهرجي ته ذوالفقار علي ڀٽو ووٽ کي عزت ڏيڻ لاءِ ويو ۽ کيس ڦاسي ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو