راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي چيئرمين جوائنٽ چيفس، سروسز چيفس ۽ هٿياربند فوجن 26 هين يوم تکبير جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب هي اهم ڏينهن 1998ع ۾ پاڪستان جي ايٽمي تجربن جي تاريخي ڪاميابي جي ياد ۾ ملهايو پيو وڃي، جنهن ڪاميابيءَ سان ڊيٽرنس قائم ڪيو ۽ خطي ۾ طاقت جو توازن بحال ڪيو.آءِ ايس پي آر چيو ته هٿياربند فوج انهن جوانن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، جن مشڪلاتن جي باوجود عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو، هٿياربند فوج ۽ قوم انهن سمورن ماڻهن جي لازوال جذبي ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته خواب جي تعبير لاءِ زندگيون وقف ڪرڻ وارا سائنسدان ۽ انجنيئر ساراهه جا مستحق آهن. هن تاريخي ۽ اهم ڏينهن تي هٿياربند فوج قومي سلامتي کي هر قيمت تي يقيني بڻائڻ، مادر وطن جي دفاع ۽ خودمختياري سميت علائقائي سالميت جي تحفظ جي عزم جو ورجاءُ ڪن ٿا.










