28 سالن کان پوءِ پهرين سنڌي فيچر فلم”انڊس ايڪوز“ جي ناپا ۾ نمائش

28 سالن کان پوءِ پهرين سنڌي فيچر فلم”انڊس ايڪوز“ جي ناپا ۾ نمائش

ڪراچي: (شوبز نيوز) 28 سالن کان پوءِ پهرين سنڌي فيچر فلم انڊس ايڪوز جي خصوصي نمائش ناپا ۾ ٿي جنهن ۾ سنڌو درياءَ جي چوڌاري رهندڙ ماڻهن ۽ انهن جي ڪهاڻين کي فلم جي ذريعي پيش ڪيو ويو.ڪراچي ۾ نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس(ناپا) ۽ ڪلائمٽ ايڪشن سينٽر)سي اي سي) آچر تي(امين لائف) پروجيڪٽ جي تحت پهرين سنڌي فيچر فلم(انڊس ايڪوز) جي نمائش ڪئي، اها پاڪستان ۾ 28 سالن کان پوءِ ٺهندڙ پهرين سنڌي فلم آهي.فلم ۾ هارين، شاعرن، مهاڻن، عاشقن ۽ سنڌو درياءَ جون ڪهاڻيون پيش ڪيون ويون آهن انهن ۾ انسان ۽ درياءَ جي وچ ۾ لاڳاپن جي اهميت کي ڏيکاريو ويو آهي. ”انڊس ايڪوز“ جي هدايتڪار ۽ ليکڪ رسول اعجاز ٻڌايو ته فلم جي پوري ڪهاڻي سنڌي ۾ تيار ڪئي بعد ۾ انهي تي انگريزي جا سب ٽائٽلز لڳايا ويا.فلم جي نمائش کان پوءِ هڪ پينل ڊسڪشن به ٿي جنهن ۾ صحافي ۽ ايڪٽويسٽ آفاق ڀٽي چيو ته سنڌو درياءَ تي ٺهندڙ ڊيم ۽ بيراج درياءَ جي لاءِ زخم آهن، هي فلم ڪوٽڙي بيراج جي ڀرسان فلمائي وئي. هن اهو به ٻڌايو ته سنڌ جي تهذيب صرف سنڌو درياءَ تائين محدود ناهي پر پوري خطي جي درياءَ جي نظام سان جڙيل آهي.سي اي سي جي ڊائريڪٽر ياسر دريا چيو ته فلم جو ٽريلر ڏسي مون کي محسو ٿيو ته اهو پروجيڪٽ تمام گهڻو اهم آهي. انهي لاءِ هن کي چونڊ ڪيو ويو. فلم”انڊس ايڪوز“ جي قومي سطح تي رليز 12 سيپٽمبر تي ٿيندي.تقريب جي شروعات ڊاڪٽر سعديه عباس(ٽگرز يونيورسٽي) ۽ نيلوفر فرخ جي پرينٽيشنز سان ٿيو. ڊاڪٽر عباس چيو ته ماحولياتي تبديلي جي مسئلي ۾ هر ڪنهن کي شامل ٿيڻ گهرجي ۽ انهي ۾ آبادي واري دور ۽ بعد جي صنعتي ترقي ٻئي ذميوار آهن.نيلوفر فرخ چيو ته هر چيلينج جو حل صرف تخيل ۽ تخليقي سوچ سان ممڪن آهي ۽ ماڻهو زمين جي پيغامن کي نظر انداز ڪري رهيا آهن. تقريب ۾ هڪ ٻئي پينل ڊسڪشن به ٿي جنهن جو عنوان هو”ڪنڪٽنگ ٽرانسفارميٽو انرجيز“ جنهن ۾ فلم، تخيل ۽ مستقبل جي منصوبه بندي تي ڳالهيون ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو