27 فيبروري  ثبوت آهي ته پاڪستان امن پسند قوم آهي: آءِ ايس پي آر

27 فيبروري ثبوت آهي ته پاڪستان امن پسند قوم آهي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن پاڪستان جي هٿياربند فوجن کي ”آپريشن سوفٽ رٽارٽ“ جا 4 سال مڪمل ٿيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان آپريشن سوفٽ ريٽرنٽ کي 4 سال مڪمل ٿيڻ تي سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪيو ويو آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته پلواما فالس فليگ آپريشن کانپوءِ ڀارت بزدلاڻي حملي جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان جرئت سان ڀارتي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.آءِ ايس پي آر چيو ته 27 فيبروري ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان پرامن قوم آهي، هٿياربند فوج وطن جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي.ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته ڪنهن به اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو