راولپنڊي: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته لال مسجد جي آپريشان جيان لاش دفنايا ويا آهن.عليمه خان اڊيالا جيل جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته توشه خانه ٽو ڪيس توشه خانه جي پهرين ڪيس جهڙو آهي. عليمه خان چيو ته القادر يونيورسٽي ڪيس ۾ 6 تاريخ تي سزا ٻڌائڻي آهي، القادر ۽ توشه خانه ٽو ڪيس عدالتن ۾ ختم ٿي ويندا.عليمه خان ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته عدليه جو مذاق بنايو ويو آهي، باني چيو آهي ته ڪنهن جي به چوڻ تي ڊيل نه ڪندس، مان هر ڪيس کي منهن ڏيندس، عليمه خان عمران خان جي حوالي سان چيو ته جن ماڻهن پارٽي ڇڏي ڏني انهن جا سمورا ڪيس معاف ڪيا ويا آهن.هن چيو ته پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته 9 مئي جي سازش پهريان ئي ڪئي وئي هئي، عمران خان ٻيهر 9 مئي تي جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو آهي. عليمه خان چيو ته 26 نومبر جا ڪيترائي ماڻهو اڃان تائين گم آهن، باني چيو آهي ته لال مسجد آپريشن جيان لاشن کي دفنايو ويو آهي.










