22 ورهين جو رانديگر ڪبڊي ميچ دوران فوت

22 ورهين جو رانديگر ڪبڊي ميچ دوران فوت

ممبئي (ويب ڊيسڪ)تامل ناڊو جي رياست ڀٽي جي ڳوٺ پنروتي ۾ ڪبڊي ميچ دوران 22 ورهين جو رانديگر پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو.گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڳوٺ منادي ڪوپم ۾ ڪبڊي ميچ کيڏي پئي وڃي جڏهن 22 ورهين جو رانديگر ومل راج مخالف ٽيم جي ٽيم وٽ پهتو ۽ بعد ۾ واپسي جي ڪوشش ڪئي پر ٻي ٽيم جي رانديگرن کيس روڪيو.واقعي جي هڪ وڊيو منظر عام تي اچي وئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مخالف رانديگر ويمل راج کي گهيرو ڪري هيٺ ڌڪ هڻي رهيا آهن، جڏهن ته هڪ رانديگر جي ٽنگ ويمل راج جي سيني تي لڳل آهي.مخالف ٽيم جي رانديگر طرفان سينه تي لات مارڻ بعد ومل اٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿي ويو.ساڳئي وقت 22 ورهين جي رانديگر کي دل جو دورو پيو، جيڪو موتمار ثابت ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو