2024ع جي پهرين پوليو مهم جو افتتاح

2024ع جي پهرين پوليو مهم جو افتتاح

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صحت، سماجي ڀلائي، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ رورل ڊولپمينٽ سنڌ جي نگران وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو آهي ته سنڌ جي 28 هنڌن تان حاصل ڪيل ماحولياتي نمونن مان 11 ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي. پاڪستان جي ڪنهن به حصي ۾ پوليو وائرس جو انڪشاف انتهائي افسوسناڪ آهي. اين اي او سي موجب هن وقت تائين مليل سمورن ماحولياتي نمونن جا نتيجا سڌو سنئون افغانستان سان لاڳاپيل آهن، جنهن لاءِ منهنجي خيال ۾ وفاقي سطح تي هڪ مربوط ۽ جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربن هيلٿ سينٽر لانڍي ۾ 2024ع جي پهرين پوليو مهم جي افتتاحي تقريب دوران ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي اي او سي سنڌ جو ڪوآرڊينيٽر ارشاد سوڍر، ڊاڪٽر احمد علي شيخ، ڊبليو ايڇ او جا نمائندا ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو ته 8 کان 14 جنوري تائين هلندڙ مهم دوران سنڌ جي سمورن 30 ضلعن ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي 1 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا. 37 هزار ويڪسينيشن ٽيمون پنهنجا فرض سرانجام ڏينديون جڏهن ته 4 هزار 225 سيڪيورٽي اهلڪار پوليو ٽيمن جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيا ويندا. هن چيو ته 13 ماحولياتي نمونن جي نتيجي ۾ يو سي گجرو ضلعي اوڀر جا 2 ٻار گذريل سال پوليو وائرس جو شڪار ٿيا آهن. هن چيو ته پوري دلچسپي ۽ اجتماعي ۽ انفرادي ڪوششن سان ٻن ملڪن کانسواءِ سڄي دنيا مان پوليو جو خاتمو آندو ويو آهي ۽ جن ٻن ملڪن ۾ پوليو جو مرض اڄ به موجود آهي انهن ۾ افغانستان سان گڏ پاڪستان به شامل آهي. هن چيو ته اسان سنڌ صوبي مان هن موذي مرض جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون. حڪومت جي انفرادي ڪوشش ۾ والدين، استادن سميت سڀني کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن والدين کي اپيل ڪئي ته هو پنجن سالن کان گهٽ عمر جي هر ٻار کي پوليو جا ٻه ڦڙا ضرور پيارين. اسڪول ۽ اسپتال انتظاميا پوليو ورڪرن سان مڪمل تعاون ڪن ڇو ته گڏيل ڪوششن سان ئي هن خطرناڪ مرض خلاف جنگ کٽي سگهجي ٿي. ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو ته مهم دوران اي پي آءِ ٽيمون مختلف صحت مرڪزن، اسپتالن ۽ ٻين علائقن ۾ ويڪسينيشن سائيٽن تي موجود رهنديون، جتي پوليو سميت 12 مختلف موذي مرضن کان بچاءَ جا ٽڪا لڳايا ويندا ته جيئن ويڪسين کان محروم نه رهندو، ٻار کي پوليو جا ٻه ڦڙا ويجهي صحت مرڪز يا اسپتال ۾ پياريا وڃن. هن چيو ته والدين ۽ استاد پوليو ويڪسين کان محروم رهجي وڃڻ جي صورت ۾ هيلپ لائن نمبر 1166 تي رپورٽ ڪن، هيلپ لائن تي رپورٽ ڪرڻ کانپوءِ اسان جي ٽيم توهان جي گهر، اسڪول يا مدرسي تائين پهچندي، اسان کي موذي مرضن سان وڙهندي پنهنجي ٻارن جي صحتمند مستقبل کي يقيني بڻائڻو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڊي ڪيٽ لاءِ ايف آءِ اي جو سائبر ڪرائم سيل پيپر ليڪ انڪوائري جا تفصيل ڏسي رهيو آهي ۽ اميد آهي ته جلد حتمي فيصلو اچي ويندو. ڪورونا جي نئين قسم جي پکيڙ بابت سوال جي جواب ۾ سنڌ جي نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو ته مان ڪالهه پاڻ ايئرپورٽ پهڇي سرويلنس جو معائنو ڪيو. اين سي او سي جي ايڊوائيزري موجب 2 سيڪڙو رينڊم چيڪنگ ڪئي پئي وڃي، جن مسافرن ۾ ڪووڊ جي تصديق ٿي آهي انهن کي ضروري ٽيسٽن بعد ڪورنٽائن ۾ واپس گهر موڪليو ويو آهي. اڳ وانگر ڪو ڪورنٽائن نه آهي پر احتياطي تدبيرون لازمي آهن ڪووڊ لاءِ، اڪثر ڪيس انفلوئنزا جا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو