200 کان وڌيڪ  وارڌاتن ۾ ملوث 3  ڏوهاري گرفتار

200 کان وڌيڪ وارڌاتن ۾ ملوث 3 ڏوهاري گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان رينجرز سنڌ ۽ پوليس انٽيليجنس ڄاڻ جي بنياد تي گڏيل ڪارروائي ڪندي ڪراچي جي علائقي مهراڻ ٽائون مان اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڦر جي 200 کان وڌيڪ وارڌاتن ۾ ملوث ڦورو ٽولي جا 3 جوابدار صدام حسين، ڪرم حسين ۽ طاهر حسين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جوابدارن وٽان ڦر جي وارڌاتن ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار ۽ ايمونيشن به هٿ آيو آهي. رينجرز جي ترجمان مطابق جوابدار ڪراچي جي مختلف علائقن ڪورنگي ڪراسنگ، شاهه لطيف، بلاول چورنگي، چمڙا چورنگي ۽ گدام چورنگي ۾ شهرين کان ڦر ڪرڻ ، اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڦر جي 200 کان وڌيڪ وارڌاتن ۾ ملوث آهن، واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي جنهن ۾ جوابدرن جي سولائي سان سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي. واقعن جي جوابدارن ڪراچي مختلف علائقن مان چوري ۽ ڦر ڪيل موٽر سائيڪل حب چوڪي رستي بلوچستان ۾ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف به ڪيو آهي. جوابدار عادي مجرم آهن ۽ ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿي جيل وڃي چڪا آهن. جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو