دڙو (امداد ميمڻ) ڳوٺ کري صالع محمد سومرو جو رھندڙ ۽ تقريبن ٻن ھفتن کان پراسرار طور گم ٿي ويل 20 سالن جي نوجوان اڪبر ولد احمد خان سومرو جو لاش دڙو ابڙال روڊ ديوان رائيس مل ڪارخاني ڀرسان ھڪ کڏ مان برآمد ٿيو آھي. جنھن جي لاش کي دڙو پوليس جي مدد سان ڪڍرايو ويو ۽ ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گھر پھچڻ تي نوجوان جي والدين کي بيھوشي جا دوُرا پئجي ويا. فوتي نوجوان جي چاچي علي حسن سومرو موجب نوجوان اڪبر سومرو جو ذھني توازن ٺيڪ نه ھو. تقريبن 2 ھفتن کان اچانڪ غائب ٿي ويو ھو. سخت ڳولا کان پوءِ ڳوٺ ڀرسان سندس لاش برآمد ٿيو آھي. کيس ڳوٺ جي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو آھي.










