2 هزار چار سئو ارب رپيا لٽيندڙن کي معاف ڏني وئي: بابر اعواڻ

2 هزار چار سئو ارب رپيا لٽيندڙن کي معاف ڏني وئي: بابر اعواڻ

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بابر اعواڻ جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ احتساب جو جنازو نڪري ويو آهي، ٻه هزار چار سئو ارب رپيا لٽيندڙن کي معاف ڪيو ويو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ بابر اعواڻ چيو ته 1985ع کان اڳ جي ڏوهن کي ختم ڪيو ويو آهي، جمهوري معاشري ۾ اهڙا قانون نٿا ٺاهي سگهجن.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته چوٿين ترميم اها آهي ته ڊي سي جو ريٽ لڳائيندو، پنجين ترميم موجب ملزم چوري جو سامان وڪرو ڪري سگهي ٿو، ڇهين ترميم اها آهي ته ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي الزام لڳائيندڙ کي پنج سال قيد جي سزا ڏني ويندي، سندس چوڻ آهي ته صدر عارف علوي کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، هن احتساب جو جنازو روڪي ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ ايتريون آچر مارڪيٽون نه آهن جيترو عمران خان خلاف ڪيس آهن.هن اهو به چيو ته شهباز شريف دعويٰ ڪئي ته 20 ارب رپيا ورهايا ويا آهن، سنڌ حڪومت 8 ارب رپيا ورهائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ميڊيا کي ڏيکاريو پيسا ڪٿي ورهايا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو