2 مهينا اڳ قتل ڪيل نينگري  جي قبرڪشائي، جزا ورتا ويا

2 مهينا اڳ قتل ڪيل نينگري جي قبرڪشائي، جزا ورتا ويا

نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري) 2 مهينا اڳ 24 سيپٽمبر تي ڳوٺ حاجي جاڙو هوت مان رات جو مڇر داني ڦاڙي نا معلوم ماڻهو ٽن ورهين جي ذڪيه ڌي عبدالستار هوت کي اغوا ڪري ويا هئا جنهن جو لاش ٻئي ڏينهن تي جوکيا واٽر ڪورس وٽان مليو هو ۽ نياڻي جي نڪ مان رت به وهي رهيو هو. پوسٽ مارٽم کانپوءِ انهي جي ايف آئي آر تعلقه نوابشاهه ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي هئي جڏهن ته هاڻي پوليس طرفان جوابدار گرفتار نه ڪري سگهڻ کانپوءِ قبر ڪُشائي لاءِ پوليس مقتول نياڻي جي والد عبدالستار هوت ۽ ڏاڏو عزيز الله هوت جي رضا مندي سان عدالت کي ليٽر لکيو جنهن کانپوءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو ۽ اڄ جڊيشل ميجسٽريٽ ٽو سجاد احمد مگسي جي روبرو ڊاڪٽرن جي ٽيم ڊاڪٽر سهراب ملاح چيئرمين ۽ ٻين ڊاڪٽرن ۾ پوليس سرجن ڊاڪٽر محمد حنيف ڀنگوار، ڊاڪٽر سلطان راڄپر، ڊاڪٽر امير بخش ڏيٿو، ليڊي ڊاڪٽر فرزانه ميراڻي ۽ تعلقي ٿاڻي جو ايس ايڇ او حبيب الرحمان لاشاري پاران قبر ڪشائي ڪئي وئي انهي سلسلي ۾ ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته اسان جُزا ڪڍي پوليس کي ڏينداسين اهي ليبارٽري مان ٽيسٽ ڪرائيندا جڏهن ته پوليس طرفان موقف ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اسان ميڊيا سان نٿا ڳالهائي سگهون. انهي موقعي تي مقتول نياڻي جي پيءَ عبدالستار ڏاڏو عزيز الله ۽ ٻين چيو ته اسان سان ظلم آهي اسان کي ايس ايس پي چيو ته ٻيهر جُزا وٺي ٽيسٽ ڪرايون ته اصل قاتلن جي خبر پئجي سگهي هنن روئيندي چيو ته اسان غريب آهيون اسان ڪڏهن به ڪنهن سان نه بگاڙيو آهي 19 جريب اسان وٽ زمين آهي جنهن جي ڪري اسان کي پريشان ڪيو پيو وڃي. هنن ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي شهيد بينظير آباد، آئي جي سنڌ ۽ وزير اعليٰ سنڌ کي اپيل ڪئي ته جيڪڏهن ڪنهن جي ٻڪري نڪري ٿي وڃي ته ان جا چور ظاهر ٿي ٿا وڃن ليڪن اسان جي بيگناهه معصوم نياڻي قتل ٿي وئي آهي جنهن کي ٻه مهينا گذري ويا آهن جوابدار گرفتار نٿا ڪيا وڃن جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو