2 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ناري بازياب نه ٿي، والدين جو احتجاج

بخشاپور( سھيل جان ڊومڪي ) بڊاڻي مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ناري مسمات ھميرا خاتون بازياب نه ٿي سگھي. اغوا ٿي ويل ناري جو پيءَ غلام ياسين سانگي،ماءُ مسمات آمنا خاتون بخشاپور پريس ڪلب پھچي صحافين آڏو لڙڪ لاڙيندي چيو ته سندس ناٺي هٿيارن جي زور تي نوجوان نياڻي هميره کي اغوا ڪري کڻي ويو آهي. هن چيو ته اصغر علي ڀٽو سان ھن پنهنجي نياڻي جو نڪاح ڪرايو جنهن بعد سندس مڙس نياڻي تي گهر ۾ سخت تشدد ڪندي مارڪٽ ڪندو هيو جنهن بعد منهنجي نياڻي هن کان ڌار ٿيڻ لاءِ اسان وٽ آئي ۽ اسين ڪورٽ سڳوري ۾ پٽيشن داخل ڪرائي سين جنهن ۾ منهنجي نياڻي ڪورٽ سڳوري ۾ بيان ڏنو ته هو پنهنجي ظالم مڙس کان ڌار ٿي پنهنجي والدين سان گڏ رهڻ چاهي ٿي ۽ اسان کي ڪورٽ سڳوري انصاف ڏيندي نياڻي کي اسان سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏني. اهڙي فيصلي بعد منهنجو ناٺي اصغر ڀٽو اسان جي جان جو ويري ٿي ويو آهي ۽ اسان مٿان پنهنجن هٿياربند ساٿين سان گڏجي حملو ڪري ڏنو جنهن ۾ هٿياربندن مونکي ۽ منهنجي زال کي بندوق جا بٽ هنيا ۽ منهنجي نياڻي کي تشدد ڪندي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آهن منهنجي نياڻي کي جان جو خطرو آهي. ھن چيو ته اصغر ڀٽو هٿيارن جي زور تي منهنجي نياڻي کان ويڊيو بيان رڪارڊ ڪرائي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيو آهي ته هو پنهنجي مڙس سان رهڻ چاهي ٿي جيڪو سراسر ڪوڙ آهي. هنن چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ، وزيراعظم عمران خان، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کين نياڻي بازياب ڪرائي سندس والدين حوالي ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو