نوشهروفيروز)مشتاق حسين مري) ضلعي جي ٻن مختلف عدالتن جمع تي جاري ڪيل پنهنجي ڌار ڌار فيصلن ۾ عوام کي رليف ڏنو آهي. ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج سيد اڪرام الرحمٰن شاهه جي عدالت ساهرن وٽ قيد ٿيل ناري بازياب ڪرائي ماءُ جي حوالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. جڏهن ته سيڪنڊ سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ حيدر علي ڀيو جي عدالت بجلي چوري جو ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي ٻن جوابدارن رياض حسين ۽ مقصود علي کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. هوڏانهن سيد اڪرام الرحمٰن شاهه جي عدالت ۾ درخواستگذار مسمات عربي خاتون سهاڳ ايڊووڪيٽ سيد زاهد حسين شاهه ۽ عبدالوحيد شيخ جي معرفت درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته ڪجهه عرصو اڳ منهنجي مسمات زبيدهه سهاڳ رضا محمد چنڙ سان پيار پرڻو ڪيو هو جڏهن ته سندس مڙس اڳ ۾ به ٻي شادي ٿيل آهي ان مان کيس جوان اولاد اٿس. هن وقت منهنجي ڌيءَ جو مڙس رضا محمد چنڙ قتل جي ڪيس ۾ جيل ۾ آهي سندس ڀائر اياز علي، حاجن علي سميت ٻيا گهرڀاتي منهنجي نياڻي کي روز تشدد جو نشانو بڻائڻ سان گڏ گهر ۾ قيد ڪيو ويٺا آهن ان لاءِ منهنجي نياڻي بازياب ڪرائي مون کي ڏني وڃي. عدالت جي حڪم تي ٺاروشاهه پوليس ناري مسمات زبيدهه سهاڳ کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو جنهن تي عدالت ناريءَ جو موقف ٻڌڻ بعد کين ماءُ حوالي ڪري ڇڏيو.










