ڏھرڪي(ن س ) ڏهرڪي مان هڪ ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل ٻن هندو نارين جي بازيابي لاءِ هندو ۽ ميگهواڙ برادري جي سوين ماڻهن نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي سنڌ پنجاب ايندڙ ويندڙ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو . ابتدا ۾ ته مظاهرين نارين جي بازيابي تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪارڪيو پر بعد ۾ پوليس جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو. اغوا ڄاڻايل ڀينرن جي اسلام قبول ڪرڻ واري هڪ وڊيو به سامهون آئي آهي جنهن ۾ هو چون ٿيون ته هنن رضا خوشي سان اسلام قبول ڪري شادي ڪري ڇڏي آهي. ڏهرڪي ۾ مينگهواڙ برداري جي سوين ماڻهن نيشنل هاءِ تي ڌرڻو هني ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. جنهن سبب قومي شاهراهه تي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون . ڌرڻي ۾ ضلعي جي مختلف شهرن توڙي ڳوٺن کان ميگهواڙ برادري سميت هندو برادري سان واسطو رکندڙ ماڻهو وڏي انگ ۾ شريڪ آهن. ڌرڻي دوران پوليس خلاف نعريبازي به ڪئي وئي. ڌرڻي دوران اغوا ڄاڻايل نارين جي پيءُ هري لعل جو چوڻ هو ته سندس ٻن ڌيئرن روينه ۽ رينا کي هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن، جنهن بعد سندن هولي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آهن. واقعي کي 12 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس ڌيئرن کي بازياب ڪرائي نه سگهي آهي. ايس ايڇ او ڏهرڪي طفيل ڀٽو ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ نارين کي 24 ڪلاڪن ۾ بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. ايس ايڇ او چيو ته اسان جوابدارن جي گهرن تي ڇاپا هڻي رهيا آھيون، اغوا الزم هيٺ آيل جوابدار صفدر ڪوڀر ۽ برڪت ملڪ گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آھن. هن چيو ته جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري ناريون بازياب ڪرايون وينديون. ٻئي پاسي اغوا ڄاڻايل نارين جي هڪ وڊيو سامهون آئي آهي، جنهن ۾ ٻئي ڀينرون چئي رهيون آهن ته کين ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، هنن مرضي سان اسلام قبول ڪيو آهي، وڊيو ۾ ٻئي ناريون ڪلمو به پڙهي رهيون آهن ۽ تحفظ جو مطالبو به ڪري رهيون آهن.
او جي ڊي سي فيلڊ ۾ نوڪري نه ملڻ تي ڳوٺاڻن جو احتجاج
ايس ايس پي آفيس آڏو لاش رکي احتجاج، انصاف ڪريو
ڊسٽرڪٽ بار تي ملاڻو گروپ بنا مقابلي ڪامياب قرار
رامجي ڪولهي جي پهرين ورسي تي ساٿين پاران خراج پيش
گهوٽڪي جي 30 غير حاضر استادن خلاف ڪاروائي
’اسمبلين ۾ عوام جا نه پر اسٽيبلشمينٽ جا نمائندا ويٺا آهن‘
ميزائيل پرزن جي سپلائي، آمريڪا جي 4 ڪمپنين تي پابندي
نئون قرض پروگرام: آءِ ايم ايف پاران پاڪستان جي درخواست منظور
ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ برساتن سبب تباهي، فوتين جو انگ 61 ٿي ويو
ننڍي چونڊ دوران موبائل ۽ انٽرنيٽ معطل ڪرڻ جي سفارش
ٽيڪس وصولي ۾ ناڪامي، وڏي وزير جي سخت ڪاوڙ
جاپاني شهرين تي حملي جي ابتدائي جاچ ۾ اهم پيش رفت
ٻار ڄڻڻ ۽ ماءُ بڻجڻ وارن تجربن بابت زارا نور ڇا ٿي چوي؟
علامه اقبال ايڪسپريس جي انجڻ کي باهه لڳي وئي
بارش سبب 3 ڏينهن دبئي ۾ ڦاٿل ڪرڪيٽر آمريڪا پهچي ويا
يوڪرين پاران روسي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ٽرمپ جي عدالت ۾ حاضري وقت هڪ شهري جي خود سوزي
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب