190ملين پائونڊ ڪيس،نيب طلبي،خان کي پيش نه ٿيڻ جو مشورو

190ملين پائونڊ ڪيس،نيب طلبي،خان کي پيش نه ٿيڻ جو مشورو

لاهور (ويب ڊيسڪ)نيب راولپنڊي برطانيا جي نيشنل ڪرائم ايجنسي کان وصول ڪيل 190 ملين پائونڊن جي ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشرا بي بي کي طلب ڪري ورتو آهي پر پي ٽي آءِ چيئرمين جو اڄ نيب ۾ پيش نه ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وڪيلن عمران خان کي ذاتي حيثيت ۾ نيب آڏو پيش نه ٿيڻ جو مشورو ڏنو آهي.عمران خان کي وڪيلن ذريعي نيب کي 20 نقاطي جواب ۽ دستاويز فراهم ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو