اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 3 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.عمران خان ضمانت واري درخواست ۾ پيش ٿيڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهتو، ان موقعي تي عدالت ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ 19 ڪروڙ پائونڊ اسڪينڊل ۾ عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 3 ڏينهن جي واڌ ڪندي کيس 3 ڏينهن اندر احتساب عدالت وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عمران خان جي وڪيلن عبوري ضمانت ۾ 8 جون تائين واڌ جي درخواست ڪئي.عدالت عمران خان جي ضمانت واري درخواست هدايتن سان اڪلائي ڇڏي، عدالت چيو ته جيڪڏهن احتساب عدالت نه وئي ته سومر تي عبوري ضمانت غير موثر ٿي ويندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 144 جي ڀڃڪڙي واري ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ان کان علاوه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڄ هڪ ٻي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿيندي.










