اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي سزا معطلي واري درخواستن تي ٻڌڻي چيف جسٽس سردار ڊوگر ۽ جسٽس محمد آصف ڪئي. بيرسٽر سلمان صفدر ۽ اعتزاز احسن عدالت ۾ پيش ٿيا. بيرسٽر اعتزاز احسن چيو ته مون پاور آف اٽارني پي ٽي آءِ باني کان تصديق ڪرائڻ جي لاءِ لطيف کوسي ڏانهن اماڻيو، وڪالت نامي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مون کي اڊياله جيل جي ڀرسان گذرڻ به نٿو ڏنو وڃي. ڪالهه عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کي هدايت ڪئي ته وڪالت نامو صحيح ڪرائي ڏيو، هي ڪنهن به عدالت کي نٿا مڃين، منهنجو وڪالت نامو صحيح ٿيل نه آهي انهي لاءِ مان پيش نٿو ٿي سگهان. چيف جسٽس سردار ڊوگر ريمارڪس ڏنا ته سپرنٽينڊنٽ اڊياله جيل کي ڪير به وڪالت نامو اماڻِيندو آهي ته هو صحيح ڪرائي ڏئي ڇڏيندو آهي. بيرسٽر اعتزاز احسن چيو ته انهي تي سخت قدم کڻڻ گهرجي. انهن کي ڪير سمجهائي، سمجهايون ٿا ته چون ٿا ته اسان کي مٿان کان حڪم آهي. چون ٿا ته جنرل فيض حميد کي سزا ٿي وئي آهي احتساب شروع ٿي ويو آهي.بيرسٽر سلمان صفدر چيو ته رمضان جو آخري ڏهاڪو شروع ٿي چڪو آهي. عيد مٿان آهي، عورتن جي لاءِ هميشه عدالت نرم رويو رکندي آهي. 14 مهينن کان پوءِ سزا معطل جون درخواستون مقرر ٿيون آهن. مون کي ڪلائنٽ ڪڏهن به ناهي چيو ته ميڊيڪل گرائونڊ تي ڪيس وڙهو، اڄ اوهان جي عدالت جو ئي فيصلو پيش ڪرڻو آهي، اوهان ملتان بينچ ۾ هڪ شخص کي اکين جي روشني وڃڻ تي قتل جي ڪيس ۾ ضمانت ڏني هئي. منهنجي ڪلائنٽ کي ته 14 سالن جي قيد جي سزا آهي. اڄ پراسيڪيوٽر موجود نه آهي.رافع مقصود چيو ته مان بطور اسپيشل پراسيڪيوٽر نيب عدالت ۾ موجود آهيان، پرائسيڪيوٽر چيو ته سزا معطلي جي درخواست جي ٻڌڻ جوڳي هجڻ تي هڪ گڏيل درخواست داخل ڪئي آهي. اسان جي گڏيل درخواست تي جواب ڏئي ڇڏيو. اسان گڏيل درخواست تي جواب جمع ڪرائينداسين. بيرسٽر سلمان صفدر چيو ته اسان صرف ٻڌڻي گهري رهيا آهيون، نتيجو نه گهري رهيا آهيون. بيرسٽر اعزاز احسن چيو ته هتي تاريخ ئي نٿي ملي. مان هن عمر ۾ عدالت جي سامهون بيٺل آهيان.چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان جو پراسيڪيوٽر موجود آهي جنهن کي دليل ڏيڻا آهن. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اسان گڏيل درخواست داخل ڪئي آهي بيرسٽر سلمان صفدر چيو ته اسان ته ميڊيڪل جو چيو آهي. نيب نيب ڇا گهري رهي آهي، اسان کي ٻڌايو وڃي اسان جو ميڊيڪل گرائونڊ اضافي هوندو. بيرسٽر اعتزاز احسن چيوته 65 ڏينهن کان اڪيلو رکيو ويو آهي، ڪنهن به فيملي يا وڪيل سان ملڻ نه ڏنو ويو، انهي دوران اک جو مسئلو ٿيو آهي.بيرسٽر اعزاز احسن چيو ته جنرل ضياءُالحق جي دور ۾ اسان جيل ويندا هئاسين اتي تشدد جو نشانو به بنايو ويندو هو. مان پندرنهن ڏينهن جي لاءِ جيل ويو هئس. ستين ڏينهن حالت اها هئي جو ٽائيم جي به خبر نه پوندي هئي ته صبح جا پنج ٿي رهيا آهن يا رات جا. اهو هڪ قسم جو ٽارچر آهي. اوهان اڪيلائي ۾ قيد تي هڪ فيصلو ڏئي ڇڏيو انهي کي نسلون ياد رکنديون.نيب چيو ته اڪيلائي ۾ قيد جي درخواست آهي ته اسان کي نوٽيس جاري ڪريو ته اسان جواب ڏينداسين، مناسب وقت تي جواب ڏينداسين اوهان نوٽيس ڪريو اسان جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.بيرسٽر اعزاز احسن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته جلد فيصلو ٿي وڃي مان بنا وڪالت نامي جي دليل نٿو ڏئي سگهان، اوهان مون کي ڇڏي ڏيو، بيرسٽر سلمان صفدر کي ٻڌو هونئن به رمضان ۾ آزاد ڪرڻ ثواب جو ڪم هوندو آهي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته اڄ اسپيشل پراسيڪيوٽر عدالت ۾ موجود نه آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ باني جي وڪيلن استدعا ڪئي آهي ته نيب تي ڏنڊ لاڳو ڪيو وڃي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته مذهبي فرض جي ادائگي لاءِ نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ موجود نه آهي. عدالت اسپيشل پراسيڪيوٽر جي غير حاضري تي نيب مٿان هڪ لک روپيه ڏنڊ لڳائي ڇڏيو. جڏهن ته نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته ايندڙ ٻڌڻي تي نيب اسپيشل پراسيڪيوٽر پيش ٿي ويندو. عدالت نيب جي گڏيل درخواست تي پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا جنهن کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.










