لاهور (ويب ڊيسڪ)نيب راولپنڊي برطانيا جي نيشنل ڪرائم ايجنسي کان وصول ڪيل 190 ملين پائونڊن جي ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشرا بي بي کي طلب ڪري ورتو آهي پر پي ٽي آءِ چيئرمين جو اڄ نيب ۾ پيش نه ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وڪيلن عمران خان کي ذاتي حيثيت ۾ نيب آڏو پيش نه ٿيڻ جو مشورو ڏنو آهي.عمران خان کي وڪيلن ذريعي نيب کي 20 نقاطي جواب ۽ دستاويز فراهم ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.










