غوثپو (رپورٽ عبدالنبي ملڪ) غوثپور 17 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل شيخ برادري ۽ ميراڻي برادري جا ماڻهو بازياب.ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ جي نگراني ۾ شيخ ۽ ميراڻي برادري جي ماڻهن جي بازيابي لاءِ دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ جيئند جاگيراڻي واري گينگ خلاف هيوي مشينري ۽ اي پي سي چين ساڻ ڪري اڄ ٻئي ڏينهن به ڪچي واري علائقي ۾ ڪومبنگ آپريشن جاري رهيو دوران آپريشن جديد هٿيارن سان فائرنگ هلندي رهي راڪيٽ لانچر هيوي مشينري ۽ جديد هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو جنهن سبب ڏوهارين جا ڪيترائي ٺڪاڻن کي مسمار ڪيو ويو دوران آپريشن 17 ڏينهن پهرين اغوا ٿيل غلام سرور ميراڻي، اظهر عرف هزاري شيخ ۽ ماروي عرف ماريا شيخ کي بازياب ڪرايو ويو آهي ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ جو چوڻ آهي ته آپريشن ڏوهارين جي گرفتاري تائين جاري رکيو ويندو. ياد رهي ته جيئند جاگيراڻي گينگ گذريل ڪيترن ئي سالن کان دراني مهر ٿاڻي جي حد ويجهو ڪچي ۾ ڪيمپ َقائم ڪري ڇڏي هئي ۽ پوري ڪچي کي غير علائقو بڻائي ڇڏيو هو هن جي ڪيمپ تي بلوچستان افغانستان ۽ ملڪ جي مختلف علائقن جا ڏوهياري رهندا آهن ۽ محفوظ پناهه سمجندا آهن هن وٽ بلوچستان لبريشن جا ماڻهون ۽ ظالبان دهشتگرد رهندا آهن جيڪي هن کي بلوچستان ۽ افغانستان کان جديد هٿيار ۽ اصلو آڻي ڏيندا آهن هن وٽ راڪيٽ لانچر ۽ اينٽي ايئر ڪرافٽ قسم جا جديد هٿيار آهن جنهن سال هو ڪيئي ڀيرا پوليس جا مقابلا ناڪام بڻائي ۽ ڪيئي پوليس اهلڪار شهيد ڪري چڪو آهي . پوري سنڌ کان علاوهه هن علائقي جي هر ذات جا قتل ڪيا آهن ۽ پوري علائقي جي ماڻهن جا مال ڦري ويٺو آهي ۽ علاقي جي ماڻهن کان ڀتو وٺندو آهي نه ڏيڻ تي سري عام اغوا ڪري ويندو آهي جيئد جاگيراڻي ۽ هن جي گينگ پوري ٽن ضلعن جي عوام لاء دهشت ۽ عذاب آهن . ايس ايس پي ڪشمورامجد شيخ پهريون پوليس آفيسر آهي جنهن ايترو ڪامياب آپريشن ڪيو آهي .ان کان پهريان هي پوليس جون سوين ريٽس ناڪام بڻائي ۽ پوليس کي نقصان پهچائي چڪو آهي . هن پاڪستان رينجرس جو هڪ ڊي ايس پي ۽ جوان به 3 سال اڳ ماري چڪو آهي










