ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي 15 ضلعن ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جي ٻيهر پولنگ جي سمورن 59 سيٽن جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا اچي ويا آهن.آچر تي حيدرآباد، نوابشاهه، خيرپور، سکر، سانگهڙ، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، لاڙڪاڻو ۽ بدين سميت سنڌ جي 15 ضلعن ۾ ننڍي چونڊ جو عمل صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهيو.غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پيپلز پارٽي 39 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته جي ڊي اي 6 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي.ان کان علاوه تحريڪ انصاف کي 2 جڏهن ته جي يو آءِ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان کي هڪ هڪ سيٽ ملي.غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب 9 سيٽن تي آزاد اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي.










