15 ڏينهن اڳ گم ٿيل شاگرد جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاج

گهوٽڪي(عرفان علي سومرو) 15 ڏينهن اڳ گهوٽڪي جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي محمد يعقوب چاچڙ مان گم ٿيل 11هين ڪلاس جو شاگرد نوجوان ڪاشف محمود چاچڙ واپس نه موٽي سگهيو جنهن جي بازيابي لاءِ چاچڙ برادري ۽ شهري اتحاد سميت سياسي سماجي اڳواڻن پاران مين چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي گم ٿيل نوجوان جي والد اڳواڻ محمد يعقوب چاچڙ ۽ سندس وارث محمد خادم حسين چاچڙ، غلام النبي چاچڙ، احمد محمود چاچڙ، آغا نادر علي پٺاڻ، ميان نثار خواجه، برڪت علي، محمد عدنان، عرفان ملڪ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 15 ڏينهن گذري ويا آهن پر نوجوان جو ڪو ڏس پتو ناهي پيو ۽ پوليس به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن ايس ايس پي گهوٽڪي ،ڊي آءِ جي سکر ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي نوجوان ڪاشف محمود چاچڙ کي جلد کان جلد بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو