ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارت جي مشهور ڪاميڊي شو جي ميزبان ۽ اداڪار ڪپل شرما پنهنجي پهرين سالي جو انڪشاف ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي ۾ آسائش واري زندگي گذاريندڙ ڪپل شرما جي زندگي هميشه اهڙي نه هئي پر هن مقام تائين پهچڻ لاءِ کيس سخت محنت ڪرڻي پئي.هڪ انٽرويو ۾ ڪپل چيو ته کيس پهرين نوڪري پنهنجي اباڻي شهر امرتسر ۾ تڏهن ملي جڏهن هو صرف 14 سالن جو هو.ڪپل جي مطابق، هو پنهنجي کيسي جي رقم کي پورو ڪرڻ لاء هڪ پي سي او ۾ پارٽ ٽائيم ڪم ڪندو هو، صرف 500 رپيا مهيني ڪمائي. ڪپل شرما وڌيڪ ٻڌايو ته ان کانپوءِ هن گارمينٽ فيڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو جتي سندس پگهار صرف 900 رپيا هئي، ان وقت ايتري گرمي هئي جو ٻين شهرن مان مزدور واپس پنهنجن علائقن ڏانهن ويندا هئا. ڪپل اهو به چيو ته هو پنهنجي ذاتي خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندو هو ۽ ان حوالي سان گهروارن کان ڪا به گهرج نه هئي، پر کيس گهرڀاتين کان پئسا گهرڻ تي شرم ايندي آهي.تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ ڪپل شرما پاڻ سان منسوب 300 ڪروڙ جي ملڪيت جي افواهن تي زور ڀريو ۽ چيو ته تمام گهڻو پئسو آهي جيڪو وڃايو اٿم پر ان بابت سوچي به نه ٿو.ڪپل چيو ته اسڪرين تي تمام گهڻي ڪاميابي کان پوءِ به مان پاڻ کي مڊل ڪلاس سمجهان ٿو.
