13 پارٽين عمران خان کي نشانو بڻايو آهي: شيخ رشيد

13 پارٽين عمران خان کي نشانو بڻايو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(بيورو)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته 13 پارٽين عمران خان ۽ سندس پارٽي پي ٽي آءِ کي نشانو بڻايو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شيخ رشيد چيو ته حڪومتي اتحاد جا مسئلا حل ڪرڻ بدران عمران خان کي نااهل ڪرڻ تي زور ڏئي رهيا آهن.هن چيو ته حڪومتي اتحاد مسئلا حل ڪرڻ بدران گرفتارين ۽ ڪيسن تي زور ڏئي رهيو آهي.اڳوڻي گهرو وزير جو چوڻ آهي ته نواز شريف ۽ فضل الرحمان به انتقامي باهه ۾ تيل وجهي رهيا آهن، پيپلز پارٽي خاموش تماشائي بڻيل آهي.شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته حڪومتي اتحاد نه عوام وٽ وڃڻ جي قابل آهي، نه چونڊون ڪرائڻ ۽ نه ئي مسئلا حل ڪرڻ جي.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه جو اهو به چوڻ آهي ته حڪومتي اتحاد 100 پريس ڪانفرنسن جو عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن جو احمقانه فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ ويندا ئي دفن ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو