13 سالن جي نينگري سان اجتماعي لڄا لٽ جا 2 جوابدارگرفتار

ٽنڊومحمد خان(ن س) جوڳي برادري جي 13 سالن جي نيننگري کي کنڀي اجتماعي لڄالٽ جي واقعي ۾ ملوٽ ٻن جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪيو آهي. جڏهن ته متاثره نيننگري جي والد جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي ذوالفقار ٽالپر موجب نيننگري جي ابتدائي ٽيسٽ مان ساڻس زيادتي جي تصديق ٿي آهي ۽ وڌيڪ چڪاس لاءِ کيس حيدرآباد موڪليو ويو آهي. هن چيو ته گرفتار ملزمن جا ڊي اين اي لاِ جزا به ورتا ويا آهن. ڇوڪري جي والد جو چوڻ آهي ته هوءَ سامان وٺڻ لاءِ دڪان تي وئي موٽر سائيڪل تي سوار ٻن ڄڻن کيس نشي واري شئي ڏئي کيس کنڀي ويا ۽ زيادتي بعد کيس فوجي شگر ملز جي گرائونڊ ۾ بيهوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري وي. هوڏانهن واقعي جو وزيراعليٰ جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب  به نوٽيس ورتو آهي ۽ چيو آهي ته نينگري سان لڄالٽ جي ڪيس ۾ ٻن جوابدارن روشن ۽ رجب شيخ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، متاثر نينگري کي قانوني ۽ طبي مدد مهيا ڪئي ويندي. هُن چيو ته زيادتي جي خوفناڪ واقعا روڪڻ لاءِ معاشري جي هر طبقي کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو