11 تڪن تي ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺنداسين: اسد قيصر

11 تڪن تي ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺنداسين: اسد قيصر

اسلام آباد(بيورو)قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته پي ٽي آءِ 11 تڪن تي ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ حصو وٺندي ۽ ميدان کليل نه ڇڏيندو.هڪ بيان ۾ اسد قيصر چيو ته پي ٽي آءِ جي سمورن ميمبرن قومي اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر وڌيڪ چيو آهي ته هو اليڪشن کٽڻ کانپوءِ اسيمبلي نه ويندس.پي ٽي آءِ اڳواڻ جو اهو به چوڻ آهي ته ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جو واحد رستو شفاف چونڊون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو