اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 10 نومبر کانپوءِ عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ چارج شيٽ کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي.ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف اليڪشن ڪميشن جي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان انور منصور عدالت ۾ پيش ٿيو.انور منصور چيو ته نوٽيس اليڪشن ڪميشن نه پر سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن جاري ڪيا آهن، جيستائين اهو معاملو حل نه ٿيندو اهو شوڪاز نوٽيس غير قانوني آهي، شوڪاز نوٽيس تي ڊي جي قانون جي دستخط به آهن.تحريڪ انصاف جي وڪيل وڌيڪ چيو ته اسان جي 31 آڪٽوبر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي آهي، جنهن کانپوءِ تاريخ مقرر ڪئي وڃي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن ميمبر چيو ته اليڪشن ڪميشن نوٽيس جاري ڪيو آهي، پر سيڪريٽري ناهي ڪيو. نوٽيس ڏنو. صرف اطلاع ڏنو.انور منصور چيو ته اسد عمر کي گذريل رات ڌمڪيون مليون آهن، وٽس سڪيورٽي ناهي، جنهن تي ميمبر اليڪشن ڪميشن چيو ته اسان وٽ 10 نومبر کان پوءِ چارج فريم ڪرڻ جو ڪو آپشن ناهي هوندو.










