02 سيپٽمبر تي ملڪ گير هڙتال عوام جي دل جي آواز آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته بجلي بلز ۾ ظالماڻي اضافي خلاف02 سيپٽمبر تي ملڪ گير هڙتال عوام جي دل جي آواز آهي، حڪمران آءِ ايم ايف جي غلامي ۾ عوام مٿان مهانگائي جي بمباري، پيٽرول ۽ بجلي قيمتن ۾ لاڳيتو اضافو ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، سڀئي ٽيڪس ۽ قربانيون رڳو عوام لاءِ باقي حڪمران ۽ اشرافيه کي مڪمل ڇوٽ مليل آهي، جماعت اسلامي الله جي ڌرتيءَ مٿان الله جو نظام نافذ ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، اڄ تائين جماعت اسلامي کي جتي به اختيار مليو جماعت اسلامي جي نمائندن بهترين ڪارڪردگي پيش ڪئي جنهن کي اسان جا بدترين مخالف به تسليم ڪن ٿا. جيڪڏهن آئنده به عوام موقعو ڏنو ته ملڪ ۽ قوم جي بهترين نموني سان خدمت ڪري ڏيکارينداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊوڄام ۾ رٿيل يومِ تاسيس جي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي امير جو وڌيڪ وڻ هو ته حڪومتي رٽ نه هئڻ جي ڪري سڄي سنڌ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آهي، سراج الحق جي اڳواڻي ۾ اڄ (30) آگسٽ تي ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيل راڄ خلاف تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو