اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان امرتسر ۾ سکن جي مقدس جاءِ گولڊن ٽيمپل کي نشانو بڻائڻ جي ڀارتي فوجي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان واضح طور تي چيو ته پاڪستان گولڊن ٽيمپل جهڙي مقدس جاءِ کي نشانو بڻائڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهي، هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي الزام بي بنياد ۽ ناقابل قبول آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت پاڻ 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات پاڪستان ۾ عبادتگاهن کي نشانو بڻايو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان سک مذهب جي مقدس هنڌن جو محافظ آهي. هر سال هزارين سک يتيوار پاڪستان جو دورو ڪندا آهن. پاڪستان ڪرتارپور ڪوريڊور ذريعي سک ياترين کي ويزا فري رسائي فراهم ڪري ٿو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارتي الزامن جو مقصد پنهنجي ئي قابل مذمت ڪاررواين تان ڌيان هٽائڻ آهي.










