گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن سربراهه  فقير کوکر لاڏاڻو ڪري ويو

گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن سربراهه فقير کوکر لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج ۽ گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جو سربراهه جسٽس (ر) فقير محمد لاڏاڻو ڪري ويو آهي.حڪومت هڪ هفتو اڳ جسٽس (ر) جاويد اقبال جي جاءِ تي جسٽس (ر) فقير محمد کوکر کي گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪيو هو.سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج ۽ گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جو سربراهه جسٽس (ر) فقير محمد کوکر لاڏاڻو ڪري ويو آهي، جنهن جي تصديق سندس خاندان ڪئي آهي.خاندان موجب جسٽس (ر) فقير محمد جي جنازي نماز اڄ عصر جي نماز کان پوءِ لاهور ۾ ادا ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو