گئس ۽ بجلي جي بندش خلاف لياري واسين جو سي ايم ۽ گورنر هائوس تائين مارچ

گئس ۽ بجلي جي بندش خلاف لياري واسين جو سي ايم ۽ گورنر هائوس تائين مارچ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ گئس ۽ بجلي جي بندش خلاف احتجاج ڪندڙ لياري واسين جو سي ايم ۽ گورنر هائوس تائين مارچ جاري آهي،لياري واسي عورتن سوڌو گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، پوليس طرفان مظاهرين کي سي ايم هائوس ڏانهن وڃڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،سي ايم ۽ گورنر هائوس ڏانهن ويندڙ رستا ڪنٽينر رکي بلاڪ ڪيا ويا آهن، جنهن سبب ٽرئفڪ جام ٿي وئي آهي،پوليس جي روڪڻ باوجود مظاهرين واپس نه ويا، گئس ۽ بجلي جي بندش ختم ٿيڻ تائين احتجاج جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو