پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور جي علائقي خازانه ۾ ڪچري جي ڍير ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 10 ورهين جو ٻارڙو فوت ٿي ويو.ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته بم ڊسپوزل يونٽ جي ٽيم به ڌماڪي واري هنڌ پهچي وئي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نوعيت، ثبوت ۽ ٻيون معلومات گڏ ڪري رهيا آهيون.فوتي ٻارڙي جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










