ڪي پي ۾ سخت گرمي جي لهر جو امڪان،الرٽ جاري

ڪي پي ۾ سخت گرمي جي لهر جو امڪان،الرٽ جاري

پشاور(ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم اي خيبرپختونخواهه صوبي ۾ سخت گرمي کي نظر ۾ رکندي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) موجب، صوبي ۾ 20 کان 24 مئي تائين سخت گرمي جو امڪان آهي ۽ ان حوالي سان سڀني ضلعي انتظاميا کي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي،پي ڊي ايم اي موجب، ڏينهن جو گرمي پد معمول کان 5 کان 7 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي، ان دوران مٽيءَ وارا ۽ تيز هوائون هلڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته هيٽ اسٽروڪ جو به امڪان آهي،پي ڊي ايم اي عملدارن جو چوڻ آهي ته ماڻهن کي آگاهي مهم ذريعي گرمي جي لهر بابت آگاهي ڏني وڃي، ۽ بزرگ ۽ ٻار صبح 10 وڳي کان شام 5 وڳي تائين سڌو سنئون سج ۾ ٻاهر نه نڪرن، پي ڊي ايم اي اختيارين جو چوڻ آهي ته مٿانهين علائقن ۾ برف پگھلڻ جي شرح وڌڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو