ڪي پي حڪومت دهشتگردن کي ڪر کڻڻ جو موقعو ڏنو آهي: احسن اقبال

ڪي پي حڪومت دهشتگردن کي ڪر کڻڻ جو موقعو ڏنو آهي: احسن اقبال

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته خيبرپختونخواه حڪومت دهشتگردن کي ڪر کڻڻ جو حڪم ڏنو آهي جن کي چٿي ڇڏيو هو اهي ٻيهر ڪر کڻي رهيا آهن عمران خان پاڪستان کي لاڳيتو ڪمزور ڪري رهيو آهي وومين يونيورسٽِ ۾ عورتن تي تشدد جي خاتمي بابت سيمينار کي خطاب ۽ ان کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته جيڪڏهن مان چور ڪافر ۽ غدار هوندس ته اها سٺي سوچ نه آهي سياست ۾ جيڪڏهن منهنجي ترجيح هڪ جماعت آهي ته ٻيو مون کي غدار نه سمجهي هن چيو ته اڄ فيصلو ڪريون ته ايندڙ 25 سال وڙهي گذارڻا آهن يا وري گڏجي رهڻو آهي. هن وقت ملڪ جن حالتن مان لنگهي رهيو آهي ملڪ کي ڏڦيڙ کان بچائڻو پوندو هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ حڪومت نظر نه پئي اچي پاڪستان جي امن سان ڪنهن کي کيڏڻ نه ڏينداسين احسن اقبال چيوت ه حڪومت ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بحالي ۽ معيشت تي ڪم ڪري رهي آهي. عمران خان سياسي گيم کيڏي رهيو آهي وزيراعظم جلد ليپ ٽاپ اسڪيم جاري ڪندو هن چيو ته پاڪستان ٽين وڏي اي لانسنگ ڪمپني بڻجي ويو آهي پاڪستان جي سول سروسز ۾ اهم سيٽن تي اٽڪل اڌ کان وڌيڪ عورتون سامهون اچي رهيون آهن هن چيو ته ڇوڪرين جي ڪارڪرگي ڏسي مونکي ڊپ آهي ته 10 يا 20 سالن ۾ ڇوڪرا هائوس هسبنڊ نه لکڻ شروع ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو