لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جو پئسو پنجاب تي يلغار ڪرڻ لاءِ خرچ ڪيو پيو وڃي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي صوبي جي ڪا به پرواهه ناهي.راولپنڊي ۾ تماشو لڳائڻ جي اجازت ناهي، قلم 144 لاڳو آهي.هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته هو بدامني جي آڙ ۾ ڇا ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن هنن قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته سخت ڪارروائي ڪنداسين، اسان وٽ سموريون رپورٽون آهن، هي ماڻهو فساد ڪرڻ چاهين ٿا. عظميٰ بخاري چيو ته ڇا ڪا سياسي پارٽي هٿيار کڻي به ريليون ڪڍي ٿي؟ پرويز خٽڪ به اسلام آباد پهتو ته ان وقت جي وڏي وزير پرويز خٽڪ کي اٽڪ پل پار ڪرڻ نه ڏنو ويو.










