فيض گنج (ن س )ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان جو بجلي جي تارن ۾ لٽڪيل لاش هٿ آيو،وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو،نوجوان جاويد مري جو بجلي جي 11 هزار وولٽيج جي تارن ۾ لٽڪيل لاش مليو،نوجوان جي پيءُ چيو ته پٽ ڪاشف خاصخيلي ۽ ثناءُ الله گهران وٺي قتل ڪيو آهي،پوليس موجب نوجوان ساٿين سان گڏجي تارون چوري ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي










