ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا ۾ اوڀر بائي پاس تي پوليس موبائل ويجهو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪارن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا.اختيارين موجب ڪوئيٽا جي نواحي علائقي ايسٽرن بائي پاس تي نامعلوم ماڻهن موٽرسائيڪل ۾ ڌماڪيدار مادو نصب ڪيو.واقعي جو اطلاع ملندي ئي خالق شهيد پوليس موبائيل پهتو ته اتي زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا.انتظاميا موجب واقعي کانپوءِ پوليس ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي سول اسپتال ڪوئيٽا منتقل ڪيو، جتي هڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.اختيارين موجب واقعي کانپوءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ ٽيم جو چوڻ آهي ته ڌماڪيدار مادو موٽرسائيڪل ۾ نصب ڪيو ويو هو جنهن کي ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ڪري رهيو آهي.










