ڪنڌڪوٽ( ن س) ڪنڌڪوٽ کان شڪارپور ويندڙ ٻن ويگنن ۽ ٽرڪ سان حادثو 1 ماڻهو علي اڪبر ولد محمد صلاح اوڳاهي ويٺل غوثپور فوت ٿي ويو جڏهن ته 15مسافر ٿي پيا ۔زخمين ۾ علي رضا قاضي۔ مرتضي ملڪ۔نصير ملڪ ۔ مسمات نور خاتون ملڪ عبدالسميع بهلڪاڻي ڪرم الله بهلڪاڻي ۔ غلام مهدي ڀٽي۔ ظهير باجڪاڻي ۔اعجاز علي نصيراڻي سنديپ ڪمار ۔علي حسن گولو عبدالحميد گولو سڪندر ملڪ ۔منصور شاه ۽ عبدالغفور شامل آهن،ضلعي انتظاميه پوليس ۽ ريسڪيو 1122 پاران بروقت ڪاروائي ڪندي واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمين مان يارهن زخمين کي ڪنڌڪوٽ جڏهن ته باقي زخمين کي سکر ريفر ڪيو ويو.زخمين مان چئن جي حالت گڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي۔










