ڪنري: (ن س) ڪنري ڀرسان روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت جڏهن ته 2 عورتون زخمي ٿي پيون آهن.ڪراچي کان ڪنري ايندي نوري آباد ڀرسان بس ۽ اي پي وي جي ٽڪر ۾ ڪنري واسي ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا. فوت ٿيلن ۾ ڪاروان نوري ايجنسي جو مالڪ گلزار علي ۽ اسڪول ٽيچر انجنيئر عبدالرحمان شامل آهن. حادثي ۾ 2 عورتن جي زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع آهن.ذريعن موجب ڪنري واسي ڪراچي کان ڪنري اچي رهيا هئا ته بس سان ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو. ٻنهي فوتين جا لاش نوري آباد ٽراما سينٽر منتقل ڪيا ويا جتان کان ايمبولينس ذريعي ڪنري منتقل ڪيا ويا.










