اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان بار ڪائونسل موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا تي اعتراض اٿاري ڇڏيا آهن.پاڪستان بار ڪائونسل جو چوڻ آهي ته موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر جي نگراني ۾ شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن.پاڪستان بار ڪائونسل طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجي اباڻي شهر جهلم ۾ قومي اسيمبلي جا 2 تڪ ٺاهيا آهن جن جي آبادي 13 لک 82 هزار آهي.پڌرائي موجب 13 لک جي آبادي واري شهر حافظ آباد ۾ قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ مقرر ڪئي وئي آهي.اولپنڊي ضلعي ۾ به سيٽن جو عدم توازن ڏٺو ويو آهي.گوجرانوالا ۾ به آبادي جي تناسب جي مقابلي ۾ قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ جو اضافو ڪيو ويو.جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي اهڙي رويي سان عام چونڊن جي شفافيت تي خدشا پيدا ٿيا آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر جي رويي سان چونڊ ماحول پيدا ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ شفافيت نظر نٿي اچي.موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر طرفان تڪ بندين، چونڊ عمل ۽ سيٽن جي ورڇ تي سخت خدشا آهن. پاڪستان بار ڪائونسل به تڪبندين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته 8 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ چونڊون شفاف طريقي سان ڪرايون وڃن.پاڪستان بار ڪائونسل جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته عام چونڊون مقرر تاريخ تي ٿينديون ۽ صاف شفاف ٿينديون. سمورين سياسي پارٽين ۽ آزاد اميدوارن کي چونڊن ۾ برابريءَ جو ميدان ڏنو وڃي، ان صورتحال جي روشنيءَ ۾ اليڪشن ڪميشن انهن نازڪ مسئلن تي اکيون ٻوٽي نٿي سگهي. سپريم ڪورٽ کي ڪميشن جي هر عمل کي جائز قرار ڏيڻ بدران انهن تڪرارن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.










