ڪشمور(رپورٽ علي حسن سومرو) ڪشمور چاچڙ برادري ۾ خانداني تڪرار رت جي راند بڻجي ويو 2 ڄڻا قتل، 2 زخمي نينگري اغوا بعد بازياب ٿي وئي، ڪشمور رشتي جي تڪرار تان گذريل رات هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو هو جتي لائن پراڻي وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري چاچڙ برادري جي ٻن ڄڻن رياض چاچڙ ۽ معشوق چاچڙ کي قتل ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا فائرنگ دوران هٿياربند هڪ 10 سالا نينگري کي به اغوا ڪري ويا هئا ، واقعي جي اطلاع تي ڪشمور پوليس تڪڙي ڪارروائي ڪندي علائقي ۾ ناڪابندي ڪئي جنھن ۾ جوابدار سدورو چاچڙ شاھد چاچڙ ۽ نور حسن چاچڙ کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته اغوا ٿيل نينگري کي بازياب ڪرائي ورتو آهي ، پوليس موجب گرفتار ٿيل ٽيئي جوابدار پاڻ ۾ ڀائر ۽ قتل ٿيلن جا سڳا ڀاڻيجا آهن جيڪي هن خونريز واقعي جا زميوار قرار ڏنا ويا آهن پوليس وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي










